حافظ علي محمد آخوند

حافظ علي محمد آخوند: عالم ۽ اديب آخوند علي محمد ولد آخوند حاجي محمد قاسم 28 جنوري 1865ع تي شهر هالا ۾ جنم ورتو. سندس والد وڏو عالم هو. هن قرآن شريف، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف حفظ ڪيو. ان کان سواءِ ٻين عالمن کان به حديث جي ڄاڻ حاصل ڪيائين. والد جي وفات کان پوءِ گهڻو عرصو ديني تعليم ڏنائين. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. ڪجهه قدر شاعري پڻ ڪيائين. هالا جي مخدوم خاندان سان سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي وا بستگي ۽ دوستاڻا تعلقات هئا. هن سروري خاندان، سروري جماعت ۽ سروري تعلقدارن جي احوال تي مبني ڪتاب ’گنجينئه اسرار سروريه‘ جي نالي سان مرتب ڪيو. حافظ علي محمد آخوند، 29 مئي 1931ع تي وفات ڪئي. کيس هالا ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1865.01.28  عيسوي

عالم ۽ اديب آخوند علي محمد ولد آخوند حاجي محمد قاسم 28 جنوري 1865ع تي شهر هالا ۾ جنم ورتو.


1931.05.29  عيسوي

حافظ علي محمد آخوند، 29 مئي 1931ع تي وفات ڪئي. کيس هالا ۾ دفن ڪيو ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيع الدين مولانا
شيخ محمد مريد سيوهاڻي
مولانا فقير محمد پٺاڻ
امام نسائي
مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
احمد رضا بريلوي
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ
عبدالله بن وهب علامه
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون